ايءُ خاڪيءَ جو خيال

ايءُ خاڪيءَ جو خيال

ايءُ خاڪيءَ جو خيال

ايءُ خاڪيءَ جو خيال (ڪتاب): هيءُ قومي دانشور ۽ مزاحمتي شاعر خاڪي جويي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ڪتاب ۾ سنڌ پرستي جي موضوع سميت قومي سجاڳيءَ متعلق شاعري ڪيل آهي، جنهن ۾ برمارين سان جنگاڻ جوٽڻ، مفلسي، غلامي کان آزادي ڏي وکون کڻڻ، نئين تبديلي ۽ انقلاب لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ جهڙو مقصد ڪارفرما رکيو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب شاعر پاران پنهنجي فرزند سچل ۽ نياڻي سنڌو جي نالي ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ناشر طرفان نوٽ ۽ ’شاعر طرفان‘ جي عنوان سان خاڪي جويي جو خود لکيل مهاڳ شامل آهي. هن ڪتاب ۾ بيت، وائي، دوهي، گيت، غزل، نظم جي صنفن ۾ شاعري ڪيل آهي. ڪتاب جي پوئين حصي ۾ ’خاڪي سونهن ۽ سچائي جو شاعر‘ (عبدالحڪيم ارشد)، ’خاڪي بيت ۽ وائيءَ جو شاعر‘ (تاج جويو)، ’خاڪي فقيراڻي ويس ۾‘ (مير محمد پيرزادو)، ’خاڪي خطن جي پس منظر ۾‘ (راشد مورائيءَ جا لکيل تاثر) تعارف طور ڏنل آهن. ڪتاب جي آخري صفحي تي ڀُلنامو به ڏنو ويو آهي.
رنگين ٽائيٽل سان ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ سنڌ پاران 1982ع ۾ شايع ٿيو.
ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي شاعر جي تصوير ۽ عبدالله مگسيءَ جو لکيل نوٽ ڏنل آهي.
187 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي.


لفظ ايءُ خاڪيءَ جو خيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو